قبائلي علائقن جي عوام کي ماضي ۾ بدقسمتي سان نظر انداز ڪيو ويو: وزيراعظم

image
APP09-23 PESHAWAR: December 28 - Prime Minister Imran Khan meeting with Provincial Cabinet members of Khyber Pakhtunkhwa. APP

پشاور – 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قبائلي علائقن جي انضمام جو اصل مقصد اتي جي عوام کي ملڪ جي ٻين علائقن جهڙيون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هتي جي عوام کي نظر انداز ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قبائلي علائقن ۾ ڪاروبار جا موقعا وڌائڻ تي ڌيان ڏيو جنهن سبب علائقي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ علائقي جي سماجي ۽ معاشي ترقي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان پشاور جي دوري جي موقعي تي خيبرپختونخوا جي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس
متعلقہ مضامین
مزید خبریں