اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته توانائي جو شع??و ملڪي معيشت جي ترقي ۾ اهم اهميت رکندڙ آهي، صارفين ۽ صنعتن کي مناسب قيمت تي بجلي جي فراهمي، توانائي ??ي شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ما??ي جي حڪومتن طرفان ڪيل معاهدن، وقت سر انتظامي سڌارن کي هڪ پاسي رکڻ سان توانائي ??ي شعبي ۾ مختلف چئلينجز درپيش آهن جنهن جو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، عوام جي مشڪلاتن جو چڱي ريت اندازو آهي ۽ حڪومت جي اها ڪوشش آهي ته بجلي ??ي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي ۽ جيستائين ممڪن ٿي سگهي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي ??ي قيمتن ۾ ممڪن گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان پنهنجي صدارت ۾ ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو