اسلام آباد – 16 فيب??ور?? (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان ۽ ڀ??رت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن کي ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومون ٻنهي ملڪن ۾ امن جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۽ ڀ??رت جي وچ ۾ مسئلن جو واحد حل ڳالهيون آهن، ا??غانستان ۾ امن جي بحالي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي، پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي عزم کي ساراهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.