اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان سٽيزن پورٽل تائين عوام جي پهچ وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن تحت سٽيزن پور??ل جي دائري ڪار کي وڌايو ويندو، وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستان سٽيزن پورٽل ويب سروس تيار ڪئي وئي آهي، وزيراعظم جو س??نڊ پار پاڪستانين بابت خصوصي صلاحڪار سٽيزن پورٽل ويب سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان سٽِيزن پور??ل جي توسيع سان وڌيڪ 8 ڪروڙ پاڪستاني فائديمند ٿي سگهن ٿا. ان کان اڳ اها سهولت 3 ڪروڙ 50 لک پاڪستانين کي ميسر هئي، عوام جي 8 هزار 600 ادارن تائين پنهنجي شڪايتن ڪرڻ جي لاءِ پهچ ممڪن ٿيندي.