اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جيلن ۾ بند ا??ڊر ٽرائيل عورت ق??دين جي سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت فوري آزادي لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم عمران خان جي ٽوئيٽ موجب اهو فيصلو انساني حقن واري وزرات، اٽارني جنرل ۽ بئريسٽر علي ظفر سان ملاقات کانپوءِ ڪي?? ويو، وزيراعظم سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي 2020/299 تي فوري عملدرآمد جي هدايت ڪئي ته جيئن ا??ڊر ٽرائيل عورت ق??دين ۽ اهڙيون سزا يافته عورتون جيڪي سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت آزادي لاءِ اهل آهن، کي آزاد ڪري سگهجي.