اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) حڪومت گهرو وزارت جي ??لاحيت وڌائڻ، شفافيت ۽ قابليت کي يقيني بڻائڻ ۽ مقرر مدي ۾ ڪمن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ مختلف قدم متعارف ڪرايا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وفاقي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي چيو ته گهرو وزارت مسئلن جي موثر ۽ فوري حل لاءِ هٿ سان ڪم ڪرڻ جي موجوده نظام کي اي سسٽم ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي آهي، 204 صحفن تي مشتمل ان رپور?? ۾ ??طلاعات ۽ نشريات واري وزارت 18 آگسٽ 2018ع کان 18 آگسٽ 2020ع جي ??وران ڪيترن ئي شعبن ۾ حڪومت جي ڪاميابين ۽ سڌارن کي شا??ل ڪيو ويو آهي، وزارت عوامي شڪايتن جي ??زا??ي لاءِ وزارت ۽ ان سان جڙيل کاتن ۽ علائقائي آفيسن ۾ سهولتڪاري ڊيسڪ ۽ وزارت ۾ انفارميشن ڪائونٽر قائم ڪيا آهن، وزارت موثر ۽ آسان طريقي سان خدمتن جي فراهمي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ موجوده طريق??ڪا?? ۾ به ترميم ڪئي آهي، طريق??ڪا?? ۾ ترميم جو مقصد لاقانونيت کي ختم ڪرڻ ۽ صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي.