سيالڪوٽ – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ??ه پاڪستان ۾ حالتون سازگار ٿي رهيون آهن ۽ اڄ دنيا هتي سيڙپڪاري ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، اسان کي پاڻ به ان جي تياري ڪرڻي پوندي، صنعتن جي فروغ لاءِ نوجو??نن جي صلاحيتن مان فائدو کڻ???? پوندو، ڪامياب جوان پروگرام پنهنجي شفافيت ۽ افاديت جي لحاظ کان ان حوالي سان فائديمند ثابت ٿيندو، هن وقت ملڪ ۾ عمران خان جهڙو ديانتدار وزيراعظم اڳواڻ آهي، هي ??زمائش جو دور آهي پر ان جي باوجود حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ يوٽيلٽي ??سٽ??رز ذريعي 10 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ ۾ ڪامياب جوان پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.