نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ اتي رهندڙ فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي اسرائيل جي احتساب جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? عراقي وزيراعظم محمد شياع السوداني سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏ??ل قومن ۽ او آءِ سي جي پليٽ فارم تي غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ فلسطيني ڀائرن جي لاءِ ان??اني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات گڏ??ل قومن جي جنرل ا??يم??لي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته انهن لاڳاپن جو بنياد تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل آهي. وزيراعظم پاڪستاني زائرين جي لاءِ هر سال ڪندڙ ان??ظامن تي عراقي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – عراق ٻطرفن لاڳاپن جي دائري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو. گڏيل طور تي تعاون جي فروغ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود صلاحيت مان فائدو کڻڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن غزه ۾ جاري اسرائيلي قتل عام، ظلم ۽ ڏاڍ ۽ لکين ان??اني زندگين جي تباهي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? پاڪستان پاران غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ غزه جي نسل ڪشيءَ تي اسرائيل کي ذميوار قرار ڏيڻ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. عالمي مسئلن تي اتفاق ڪندي ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن کي ان??اني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ گڏ??ل قومن ۽ او آءِ سي جي پليٽ فارمز تي عالمي ڪوششن کي وڌيڪ موثر ۽ تيز ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو.