رديگ – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مند – پشين سرحد (پاڪستان ايران سرحد) جي دوري جي لاءِ رديگ (مند ??عل??و) پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي دوري دوران بارڊر مارڪيٽ جو افتت??ح ڪيو. ٻنهي اڳواڻ مارڪيٽ جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ ٻوٽو به پوکيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، توانائي وارو ??فاقي وزير انجنيئر خرم دستگير پڻ موجود هئا.