اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته سموريون عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسيون ??اڪستان ج?? معيشت ۾ واڌ جو اعتراف ڪري رهيون آهن، مسلم ليگ (ن) پنهجي حڪومت جي آخري سال واڌ جي ش??ح 5.4 سيڪڙو ڏيکارڻ جي لاءِ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا اڌ ڪيا، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر ۽ گردشي قرض 450 ارب روپين تائين ??ڌايو، ضياءُ الحق کي پنهنجو والد چوڻ وارا ان جي دور جو حساب ڏين. قومي اسيمبلي ۾ احسن اقبال جي اعتراض واري نقطي تي جواب ۾ حماد اظهار چيو ته هي پارليامينٽ سڀني کان ??ڏو فورم آهي، مخالف ڌر جي مباحثي ج?? چئلينج جو جواب انهي فورم تي دليلن سان ڏئي سگهون ??ا، هن چيو ته جڏهن ??خالف ڌر وٽ دليل ختم ٿي ويندا آهن ته هو هتي رٽيل تقريرون ??ڌائيندي آهي، اسان ڪووڊ -19 جي وبا جي باوجود معيشت جي واڌ جي ش??ح کي 5.37 سيڪڙو تائين ??هچايو، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي دور ۾ 20 ارب ڊالر جو واپاري خسارو ڇڏيو، سرڪلر ڊيٽ 450 ارب روپين تائين ??ٺي وئي، ٻاهريان ??رض کڻي هنن گروٿ 5.4 سيڪڙو ڏي??ار??، انهن جي حڪومت ۾ شامل ماڻهو اهو چوندا هئا ته معيشت ان ??قام تي پهچي چڪي آهي ته ايندڙ حڪومتون ان کي سنڀالي نه سگهندا. هن چيو ته اسان جي حڪومت 2 ارب ڊالر ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي اسان 5.37 سيڪڙو واڌ تي پهتا آهيون ۽ هن سال ان ۾ به اضافو ٿيندو، اسان جي روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذّخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، پوري دنيا جي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسيون اسان ج?? معاشي واڌ جو اعتراف ڪري رهيون آهن، اڪانومسٽ پاڪستان ج?? معيشت کي دنيا جي ٽن ??ڏين ??عيشتن ۾ شامل ڪيو آهي، هن چيو ته هتي آمرن جي دور جو جواب نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي جڏهن ته انهن ??ان جنرل ضياءُ الحق جي دور کي ڪڍيو ويو، ان کي پنهنجو والد چوڻ وارا ان جي دور جو جواب ڏين، ان کان اڳ احسن اقبال اعتراض واري نقطي تي چيو ته ملڪ ۾ صدارتي نظام جون ڳالهيون ??ي رهيون آهن، اسان آئين جو تحفظ ڪنداسين، پارلياماني نظام حڪومت ۾ حڪومتون عوام ۽ پارليامينٽ کي جوابده آهن جڏهن ته صدارتي نظام ڪنهن طور تي عوام جي مفاد ۾ نه آهي، ان ??عاملي تي ايوان ۾ بحث ڪرايو وڃي، هن چيو ته ٻيون ??ومون جمهوري تسلسل جي ڪري ترقي ڪئي جڏهن ته اسان ??ختلف تجربن سان ??نهنجو نقصان ڪيو، سڀني کي گڏجي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان جي ترقي جو واحد رستو آئين جي عملداري آهي، ڪو فرد يا ادارو ايترو طاقتور نه آهي ته هو اڪيلو ملڪ کي بحران ??ان ڪڍي سگهي، ان جي لاءِ اجتماعي ڪوششن ۽ جامع گورننس جي ضرورت آهي، پارلياماني نظام ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر اختلاف راءِ باوجود ٻه ڦيٿا بڻجي ملڪ کي هلائيندا آهن، اسان کي آئين جي ڏنل روح موجب هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.