لاهو?? – 16 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي ڪهاڻي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي لاءِ اسان کي فلم، ڊرامي، موسيقي ۽ ادب کي فروغ ڏيڻو پوندو، ماضي ۾ انگريزي ادب کي تمام گهڻي اهميت حاصل هئي، پاڪستان ۾ انگريزي ادب گهٽ ٿي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان ادبي دنيا سان پاڻ کي ڳنڍي سگهون. اها ڳالهه هن فرزانه عاقب جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. چوڌري فواد حسين چي?? ته فرزانه عاقب تمام خوبصورتي س??ن مختصر عرصي ۾ 16 ڪتاب لکيا، سندس ڪتابن جي اقتباسات کان ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. فرزانه عاقب ڪربلا تي تمام گهڻي خوبصورتي س??ن لکيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته انگريزي ادب کي فروغ ڏيڻ ۾ فرزانه عاقب جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چي?? ته ماضي ۾ پاڪستان جي انهن سمورن ذريعن کي تنزلي طرف ڌڪيو ويو جن جي ذريعي پاڪستان جي ڪهاڻي دنيا آڏو پيش ڪري سگهجي پئي. چوڌري فواد حسين چي?? ته پاڪستان جي هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي جيڪا دنيا آڏو پيش نه ڪئي وئي. اسان کي پنهنجي ڪهاڻي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي لاءِ فلم، ڊرامي ۽ ميوزڪ کي فروغ ڏيڻو پوندو. ان ڏس ۾ اطلاعات واري وزارت پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسان کي ملڪ کي ائين مٿي گامزن ڪرڻو آهي جيئن اسان ادبي دنيا سان پاڻ کي ڳنڍي سگهون. هن چي?? ته پي ٽي وي انگلش کي انفوٽينمينٽ ٽي وي ۾ ڪنورٽ ڪيو پيو وڃي، انگريزي ڊرامي، انگريزي ميوزڪ، فلم ۽ انگلش جي فنون لطيفه کي عوام آڏو پيش ڪري سگهبو. هن چي?? ته جيڪي شاگرد شاعري ۽ ڊرامي ۾ دلچسپي رکن ٿا، اسان انهن جي ڀرپور معاونت ڪنداسين.