اسلام آباد -03 جنوري (اي پي پي) چيف جسٽس گلزار احمد سان ڪرڪ ۾ تيري مندر جي دوري تي ??يل مختلف ملڪن جي هن??و ياترين جي وفد هتي ??پريم ڪو??ٽ ۾ ملاقات ڪئي. عدالت سڳوري پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق چيف جسٽس هن??و ياترين جي وفد جي آجيان ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي چيف جسٽس چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي برداشت آهي، پاڪستان ۾ هر شهري کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي، پاڪستان جون عدالتون بنيادي حقن جون محافظ آهن. پاڪستان جي عدالتن هميشه پاڪستان جي آئين تحت اقليتي ??رادري جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي. ان موقعي تي پاڪستان هن??و ڪائونسل جو چيئرمين ڊاڪٽر رميش ڪمار به م??جو?? هو جنهن چيف جسٽس گلزار احمد کي وفد جي باري ۾ ٻڌايو. ڊاڪٽر رميش ڪمار ڪرڪ ۾ تيري مندر جي بحالي لاءِ چيف جسٽس گلزار احمد جي قدمن جي به واکاڻ ڪئي. وفد ملاقات لاءِ وقت ڏيڻ تي چيف جسٽس جا ٿورا مڃيا.