ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ پائيدار ڪاروباري ترقي ۽ واڌويجهه جي لاءِ ٺوس منصوبابندي تي زو?? ڏيندي چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ روينيو ۽ ٽيڪس رکندڙ هن شهر جي بنيادي انفراسٽرڪچر ۾ بهتر?? جي ضرورت آهي، واپاري برادري چوٿين صنعتي انقلاب جا ثمر حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽ?? جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ 17 هين ??ائي ڪراچي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي حڪومت پاران تازو ئي افتتاح ڪيل گرين ??ائين ??نصوبي بابت ڳالهائيندي صدر چيو ته هي منصوبو هن شهر جي ماڻهن کي آرامده ۽ وقت جي بچت يرکندڙ سفري سهولت فراهم ڪندو. شهر ۾ پاڻ?? جي مسئلي جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته ڪي فور منصوبي جو مقصد شهر جي روزاني پاڻ?? جي ضرورت کي پورو ڪرڻ آهي، اميد آهي ته اهو 2023ع تائين ??ڪمل ٿي ويندو. صدر چيو ته سڄي ملڪ جي نوجوانن کي هنر تي ٻڌل تربيت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ??قصدن مان هڪ آهي ته جيئن روزگار ۽ ڪاروباري صلاحيت کي وڌائي سگهجي. هن چيو ته حڪومت عورتن ۽ معذور ماڻهن جي لاءِ مالي ۽ قرض جون سهولتون معتارف ڪرايون ته جيئن ٺوس ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته تعميراتي شعبي کي سهولت فراهم ڪرڻ سان صنعت جي ترقي سان گڏوگڏ روزگار جا ڪيترائي موقعا پڻ پيدا ٿيندا. صدر ڪاروباري برادري تي زو?? ڏنو ته اها چوٿين صنعتي انقلاب جا ثمر حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽ?? جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري. صدر تاپي گئس پائيپ لائين ??نصوبي کي پاڪستان ۾ گئس جي وڌندڙ طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پڻ اهم قرار ڏنو. ان کان اڳ ڪي سي سي آءِ جي اڳوڻي صدر زبير موتي والا واپاري برادري کي مڪمل تعاون ۽ حمايت فراهم ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا.