اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? رحمت للعالمين اٿارٽي ??ابت قدمن کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مديني جي رياست اصول پسندي ۽ اخلاقيات جو عملي نمونو هئي ۽ ميثاق مدينه انساني حقن جو محافظ هو، اسلامي معاشرو پنهنجي دور جو سڀ کان جدت پسند معاشرو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ رحمت للعالمين اٿارٽي ??ي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن پير ن??رالحق قادري، شفقت محمود، پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز اڪرم، ڊاڪٽر خا??د مسعود ۽ شهزاد نواز شرڪت ڪئي جڏهن ته ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. زويراعظم چيو ته صوفين سيرت جي روشني ۾ مقامي ماڻهن کي انهن جي زبان ۾ دين جي تعليم فر??هم ڪئي، مذهبي تهوارن کي ڪردارسازي جو ذريعو بڻائڻ تي زور ڏنو ويندو، يونيورسٽين ۾ تحقيق ۽ غور فڪر سان سيرت جي اهم رخن کي اجاگر ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جو هر شهري عاشق رسول ﷺ آهي، عشق رسول جو سڀ کان وڏو ثبوت نبي ﷺ جي سيرت تي عمل ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي اٿارٽي قائم ڪرڻ تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، اٿارٽي ??ي لاءِ ٺوس ميڊيا پلان ايندڙ هفتي پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته جديد طريقيڪار سان نوجوانن ۽ ٻارن جي سيرت طيبه ﷺ جي روشني ۾ ڪردارسازي تي ڌيان ڏنو ويندو، عالمي سطح تي سيرت جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ ۽ اسلامو فوبيا جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ سفارشن کي آن بورڊ ورتو ويندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽيز ۽ اسڪولز جي نص??ب ۾ پڻ سيرت طيبه جي روشني ۾ اخلاقيات جي تدريسي شامل ڪئي ويندي، اسلام ۽ سائنس ۾ هم آهنگي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ تحقيق ۽ قدم پڻ اٿارٽي ??ي مقصدن ۾ شامل آهن. وزيراعظم اٿارٽي ??ابت سمورن قدمن کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي هدايت ڪئي.