اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ??ورپي يونين سان ??اڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ??ورپي يونين فرينڊشپ فيڊريشن جي چيئرمين پ??وي?? اقبال لوسر سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي،
ملاقات دوران ??اهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته يورپي ملڪن ۾ پاڪستانين جو وڏو تعداد رهي ٿو جيڪو ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڀلائي ۽ انهن کي درپيش مسئلن جي فوري حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. پ??وي?? اقبال لوسر پرڏيهي وزير کي پاڪ اي يو فرينڊشپ فيڊريشن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ??فيد بريفنگ ڏني، پرڏيهي وزير يورپي ملڪن ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڀلائي لاءِ پاڪستان ??ورپي يونين فرينڊشپ فيڊريشن جي خدمتن کي ساراهيو. منهنج?? گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سر??را??ه جوزف بوريل سميت ڪيترن ئي يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ??فيد ملاقاتون ٿيون،
مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته مون يورپي يونين جي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کي افغانستان جي موجوده صورتحال، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو. يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي خدمتن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي جنگي ڏوهن جا ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ڊوزيئر پيش ڪيا. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ??ورپي يونين سان اسٽريٽجڪ حصيدري لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ??ورپي يونين فرينڊشپ فيڊريشن جي چيئرمين پ??وي?? اقبال لوسر پرڏيهي وزير ج?? گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ شرڪت ۽ ان ??وقعي تي يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ??يندڙ ملاقاتن کي ساراهيو.