گڏيل قومون – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جو ادارو افغانستان کي هڪ مضبوط ۽ محفوظ رياست ٺهندي ڏسڻ جو خواهشمند آهي. جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس کان پهرين گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اها ڳالهه صحيح آهي ته افغانستان جي صورتحال غير متوقع آهي پر اسان سڀ چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ جامع حڪومت ه??ي ۽ افغانستان انساني حقن خاص ڪري عورتن جو احترام ڪري. هن چيو ته اسان سمورا چاهيون ٿا ته افغانستان هڪ محفوظ رياست بڻ??ي ۽ افغانستان ۾ منشيات جي اسمگلنگ جو مقابلو ڪري، پر اها اڳڪٿي ڪرڻ ڏکي آهي ته ڇا ٿي?? وارو آهي ڇو ته اڃان اهو و??ضح نه آهي ته ڇا ٿي?? وارو آهي. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته گڏيل قومن جو فرض آهي ته افغانستان کي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي. هن وقت طالبان سان مفاهمت رکندي کين سمجهائي سگهجي ته ڇوڪرين کي هر سطح جي تعليم حاصل ڪرڻ جي قابل هجڻ گهر??ي ۽ بين الاقوام?? برادري سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. اسان کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ عالم?? برادري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.