اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اوورسيز چيمبرز آف ??امرس ايند انڊسٽريز جي ڪاروباري اعتماد جي سروي ۾ پاڪستان جي رينڪنگ جي بهتري تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول تي خاص ط??ر تي ٻاهرين س??ڙپڪارن جي اعتماد ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي محاذ تي وڌيڪ خوشخبري آئي آهي. اوورسيز چيمبرز آف ??امرس اينڊ انڊسٽريز او آءِ سي سي آءِ جي ڪاروباري اعتماد جي سروي (بي سي آءِ) ۾ پاڪستان مئي 2020ع جي منفي 50 سي??ڙو مان بهتر ٿي 59 سي??ڙو جي بهتري سان گڏ 9 تي بيٺل آهي، وزيراعظم چيو ته اوورسيز چيمبرز آف ??امرس اينڊ انڊسٽريز جي ميمبرن جو اعتماد 108 سي??ڙو جي انقلابي تبديلي سان 2020ع جي منفي 74 سي??ڙو جي مقابلي ۾ 34 سي??ڙو ٿي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار خاص ط??ر تي ٻاهرين س??ڙپڪارن جي اعتماد ۾ اهو ڊرامائي اضافو آهي.