لاهور – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارن تي حڪومت مخالف ڌر کي ڳالهي?? جي دعوت ڏني، مخالف ڌر پارٽين کي هڪ ٻئي جي راءِ جي خبر نه آهي، مسلم ليگ (ن) ۾ قيادت جو جهيڙو آهي، پي ڊي ايم ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آهي، مخالف ڌر پاران ڪنهن به معاملي تي سنجيده تجويزون سامهون نه اچي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسا?? جي اها ڪوشش رهي آهي ته حڪومت کي مخالف ڌر سان رابطو بڻائڻ ??هرجي ۽ ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان مخالف ڌر کي چونڊ سڌارن تي ڳالهي?? جي دعوت ڏني ۽ چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽ??گ مشين?? جي استعمال تي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي ۾ نالا ڏيو پر ٽي مهينا ٿي ويا آهن مخالف ڌر پاران ڪو نالو اسپيڪر کي ناهي مليو، اليڪشن ڪميش?? جي ميمبر?? جي مقرري جي لاءِ نالا ڏين پر اڃا تائين مخالف ڌر کي سمجهه نه اچي رهي آهي ۽ اهڙي طرح باقي ڪنهن مسئلي تي به مخالف ڌر جي ڪي راءِ نه آهي. هن چيو ته شهباز شريف، بلاول، مريم بي بي، فضل الرحمان هتان هُتان جو مربو ٺهي ويو آهي، هڪ جي راءِ ۽ ٻئي ۽ ٽئي?? جي راءِ ڪهڙي آهي ڪجهه خبر نه آهي. هن چيو ته پارٽي?? جي اندر ويڙهه جاري آهي، مسلم ليگ (ن) ۾ ٽاس ٿي رهي آهي ته قيادت ڪير ڪندو، هڪ هفتو قيادت شهباز شريف، اڳيون هفتو مريم بي بي ۽ پوءِ ٽاس ٿئي ٿي ته شاهد خاقان عباسي ڪري پوءِ اهو چيو وڃي ٿو ته نواز شريف قيادت ڪندو، حقيقت ۾ مسلم ليگ (ن) جي اندر ويڙهه، جهيڙو ۽ فساد جاري آهي، جڏهن اهو طئي ٿيندو ته اهي اڳتي وڌندا. اطلاعات واري وزير چيو ته پي ڊي ايم جو اتحاد اڳ ۾ ئي ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪو آهي، مخالف ڌر پاران ڪا سنجيده ڳالهه سامهون نه اچي رهي آهي، چونڊ سڌار??، ڪا قانونسازي هجي مخالف ڌر پاران سنجيده ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي پر اسان انتظار ڪنداسين.