ڪراچي – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيرا??ظم ڪراچي شپ يارڊ ۾ شپ لفٽ اينڊ ٽرانسفر سسٽم (ايس ايل اينڊ ٽي ايس) جي افتتاحي تقريب ۾ خاص م??مان هوندو. وزيرا??ظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ۾ ڪراچي ٽرانفارميشن پلان بابت جائزه اجلاس جي صدارت کانسواءِ ڪي پي ٽي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪندو. وزيراعظم کي ڪي پي ٽي جي ڪارڪردگي تي بريفنگ به ڏني ويندي، ان کانپوءِ وزيرا??ظم سون مياڻي ساحل لسٻيلا ۾ وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪندو. وزيرا??ظم ٻوٽا هڻندڙ ڪارڪنن ۽ مقامي ماڻهن کي خطاب به ڪندو.