اسلام آباد – 06 آگسٽ (ا?? پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ناروي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ناروي سيڙپڪاري، واپار ۽ ترقياتي تعاون لاءِ پاڪستان جو مضبوط حصيدار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ناروي جي عهدو ڇڏيندڙ سف??ر ڪيجل گنار ايرڪسن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس هتي ملاقات ڪئي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ناروي جي گڏيل مفاد لاءِ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا امڪان موجود آهن، ناروي سيڙپڪاري، واپار ۽ ترقياتي تعاون لاءِ پاڪستان جو مضبوط حصيدار آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وڏي تعداد ۾ ناروي جي ڪمپنين جي موجودگي ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ واپاري لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي. سکر ۾ سولر پلانٽ جي تعمير جي لاءِ نظام انرجي ۽ نارويجن اسڪيٽڪ سولر جي وچ ۾ سهڪار مثبت اڳڀرا??ي آهي. منصوبي سان ناروي جي سيڙپڪار?? کي پاڪستان جو ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ملندي. صد?? ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمان آبادي جي خلاف ڀارتي ظلم تي به روشني وجهندي چيو ته عالمي برادري سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي ان جو خودمختياري وارو حق ڏيڻ جي پنهنجي واعدي تي عملدرآمد ڪرائي. صد?? لاهور ۾ تاريخي ورثي جي بحالي ۽ تحفظ تي ناروي جي حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو. هن پاڪستان ۾ ناروي جي عهدو ڇڏيندڙ سف??ر ڪيجل گنار ايرڪس?? کي پنهنجو مدو مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سمورن شعبن ۾ سرڪاري سطح تي نجي شعبي ۾ رابطا قائم ڪري خاص طور تي معيشت ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ لاءِ سندس ڪوشش?? کي ساراهيو.