اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جرمني سان پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل جمهوري قدرن ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل آهن، پاڪستان خطي جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي ميڊيا کي آزادي حاصل آهي، جرمني جي ??لم ساز ۽ ڊرامه پ??وڊيوسرز پاڪستان اچن ۽ ڪئميرا جي اک سان هماليه سلسلي جي خوبصورتي دريافت ڪن. اها ڳالهه هن جرمني جي سفير برن هارڊ اسٽيفن شليگ هيڪ سان ڳالهائيندي چئي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. هن ??لم ۽ جوائنٽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جرمني جي ??لم ۽ ڊرامه پ??وڊيوسرسز ايسوسيئيشنز سان زوم ميٽنگ جي انعقاد جي تجويز ڏني، هن چيو ته پ??ڪستان ا?? پهرين ا??شيائي ملڪن ۾ شامل آهي جنهن جرمني سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا، هن چيو ته علامه اقبال جا جرمني سان لاڳاپا ۽ هيڊلبرگ جي باري ۾ سندس شاعري کي اجاگر ڪرڻ بابت وڊيو ??لم جي حوالي سان پرڏيهي وزارت جي تجويز جوائنٽ پروڊڪشن ۽ دستاويزي فلمن جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه بخشيندي.