اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي پوليو کان مڪمل ڇوٽڪارو ڏيارڻ اسان جو مشن آهي، وفاقي ۽ صو??ائي حڪومتن جي جامع ۽ گڏيل ڪوششن سان ئي پاڪستان کي پوليو فري بڻائي سگهجي ٿو، ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جهڙي جذبي سان ئي پوليو کي ب?? شڪست ڏيڻي آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪي??، اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير عثمان بوزدار، سيد مراد علي شاهه، محمود خان، محمد خالد خورشيد، خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، ڊاڪٽر شهباز گل، پاڪستان آرمي جي انجنيئر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز، صو??ائي چيف سيڪريٽريز، صحت واري وزارت ۽ عالمي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي ۽ صو??ائي حۡڪومتن جي موثر حڪمت عملي جي ڪري هن وقت تائين هن سال پوري ملڪ ۾ بلوچستان مان صرف هڪ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، ڪورونا وبا جي ڪري پوليو جي روڪٿام واري مهم سست?? جو شڪار ٿي، اجلاس کي آگاهه ڪي?? ويو ته پنجاب ، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ اڃان به پوليو وائرس جي موجودگي جا ثبوت مليا آهن، اهو ٻڌايو ويو ته پهچ، سيڪيورٽي۽ والدين جي عدم تعاون جي سببن جي ب??ياد تي مهم ۾ وڏي تعداد ۾ ٻار پوليو جي ڦڙن کان محروم رهجي ويندا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انفارميشن ٽيڪنالاج?? جو ڀرپور استعمال ڪي?? پيو وڃي جنهن ۾ جاگرافيائي انفارميشن سسٽم ۽ ٽريڪنگ استعمال ۾ آندو پيو وڃي، بل ۽ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي پوليو نگراني ب??رڊ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس ايليس حڪومت پاڪستان ۽ وزيراعظم کي پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ اهم سنگ ميل عبور ڪرڻ ت?? خراج تحسين پيش ڪي??.