اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز جو ڪيس نئين سر جاچ جو گهرجائو آهي، جيڪو طريقو حديبيه ۾ پئسا ٻاهر موڪلڻ جي لاءِ استع??ال ٿيو انهي کي بعد ۾ هر ڪيس ۾ اختيار ڪيو ويو، ان ڪيس کي انجام تائين پهچائڻ تمام گهڻو لازمي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته اڄ وزيراعظم عمران خان کي قانوني ٽيم شهباز شريف جي ڪيسن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني آهي. حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته حديبيه پيپر ملز جو ڪيس نئين سر جاچ جو گهرجائو آهي، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي جاچ نئين سري سان شروع ڪ??ڻ جون هدايتون ج??ري ڪيون ويون آهن.