اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ٽائمز هائير ايجوڪيشن تحت اڀرندڙ معيشتن جي ي??ني??رسٽين ۾ 150 هين پوزيشن حاصل ڪرڻ عبدالولي خان ي??ني??رسٽي مردان جي هڪ واکاڻ جوڳي ڪاميابي آهي، ي??ني??رس??ي جي پنهنجي قيام جي ٿوري عرصي ۾ اهو اعزاز حاصل ڪرڻ ي??ني??رس??ي جي انتظاميه، ا??تا??ن ۽ شاگردن جي شوق ۽ محنت جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عبدالولي خان ي??ني??رس??ي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ظهور الحق ۽ سندس ٽيم سان هڪ ملاقات ۾ ڪيو. هن ي??ني??رس??ي جي وائس چانسلر، ا??تا??ن ۽ شاگردن کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد به ڏني. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته صنعتي ترقي ڪنهن به قوم جي معاشي خوشحالي ۽ ڪاميابي جي ڪنجي آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت قائم ٿيندڙ صنعتي منصوبن جي مڪمل فعال ٿيڻ سان پاڪستان خاص طور تي خيبرپختونخوا صوبو معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو. هن چيو ته ان سلسلي ۾ عبدالولي خان ي??ني??رس??ي جو ڪردار اهم هوندو. هن ملڪ کي درپيش معاشرتي، معاشي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي معاملن تي تحقيق جي فروغ لاءِ ريسرچ جي بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.