ڪراچي -13 مارچ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??لڪ ۾ سائنسي تعليم جي اشد ضرورت آهي. اسان جي انفارميشن ٽيڪنالاج?? جي نوجوانن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. صدر مملڪت اهڙو اظهار يونيورسٽي جو نئون نالو رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بينٽ هوڊسن يونيورسٽي کي سليم حبيب يونيورسٽي جو نالو ڏنو ويو آهي. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??لڪ ۾ آن لائين تعليم کي وڌيڪ مربوط بنائڻ گهرجي، ا??فارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ سان ??لڪ ترق?? جي راهه تي هلندو. هن چيو ته اسان افرادي قوت ٺاهي ورتي ته قومن جي برادري ۾ پاڪستان ٽاپ تي هوندو. هن چيو ته پاڙيسري ??لڪ ۾ اقليتن کي ڌار ڪيو پيو وڃي، اسان جي نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم معاشر?? جي تقسيم کي ختم ڪيو. هن چيو ته سليم حبيب يونيورسٽي ۾ ميرٽ کي خاص اهميت حاصل آهي.