اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام ۽ اميدوارن کي جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، مخالف ڌر جي اعليٰ سطحي قيادت هڪ مهيني کان جيڪا عوام جي ذهنن تي سوار هئي ۽ جي بي اليڪشن کي ريفرنڊم چئي رهي هئ??، گلگت بلتستان جي عوام ا??هن جي ۽ نواز شريف جي بياني کي رد ڪندي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلي ڇڏيو آه??، گلگت بلتستان جي اليڪشن کي شفاف ۽ غير جانبدار بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي، آئنده چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ جلد قانونسازي ڪنداسين، خاتم النبيين حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي ناموس تي حملو ڪندڙ اسان جو اولين ترين دشمن آهي، وزيراعظم عمران خان ان مسئلي تي گڏيل قومن سميت مسلم ملڪن کي خط لکڻ کانسواءِ جيڪو موقف اختيار ڪيو ۽ جه??ي طرح م??لم??ن امت جي ترجمان ڪئي ان جو ماضي ۾ ڪٿي مثال نٿو ملي، ڪا به سياسي پارٽي اهڙي مسئلي تي احتجاج ڪندڙن کي طاقت جي ذريعي منشتر نٿي ڪري سگهي، ا??هن سان ڳالهين جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪه??ي طرح عوامي شڪايتن کي ختم ڪرڻو آهي ۽ ان ڏس ۾ گهرو وزارت تمام جلد پڌرنامو جاري ڪندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.