اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و آهي ته نواز شريف ادارن جي خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر غلط ڳالهيون ڪيون، پي ڊي ايم سرحدن جي محافظ ادارن جي خلاف زهر اوڳاڇي رهي آهي، پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پي ڊي ايم بيانيي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، نواز شريف کي بدعنواني تي عدالتن ڏوهاري قرار ڏنو آهي، ڦريل دولت بچائڻ جي لاءِ ڪنهن کي جمهوريت جي آڙ وٺڻ نه ڏينداسين، پي ڊي ايم جي پاڻ کي رڳو احتساب کان بچائڻ جي هڪ نقاطي ايجنڊا آهي، عمر??ن خان جي سياست جو مقصد ڪرپٽ عنصرن کان ملڪ کي آزاد ڪرائڻ آهي، پيپلزپارٽي قيادت جي ناقص پاليسين ان کي علائقائي پارٽي تائين محدود ڪري ڇڏ??و آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ کي معاشي خوشحالي طرف وٺي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم عمر??ن خان پوري قوم جي ترجماني ڪري ره??و آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.