اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ ۽ اڏاوتن جي شعبي بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس دوران پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت پاران تعميراتي ۽ ترقياتي سرگرمين جي لاءِ سرڪاري اجازتنامن ۽ اين او سيز جاري ??رڻ جي لاءِ آن لائن پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪيل ويب پورٽل جي ڪم، خاصيتن ۽ ان جي موثر هجڻ بابت معاملن جو عملي طور تي جائزو ورتو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري ??يا?? موجب هن ويب پورٽل قائم ڪرڻ جو مقصد بلڊرز کي ڊيجيٽل خدمتن جي فراهمي، گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت ۽ مقرر مدي جي اندر تيزي سان درخواستن کي اڪلائڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ويب پورٽل درخواستن کي هڪ ئي وقت اڪلائڻ جي لاءِ سمورين آفيسن سان هڪ ئي وقت واڳيل آهي. چيف سيڪريٽري ??ي سڌوسنئون ڊيش بورڊ جي سهولت حاصل آهي ته جيئن هو درخواستن تي جاري ??مل جي نگراني ڪري سگهي ۽ ڪنهن به قسم جي دير جو نوٽيس وٺي سگهي.