لاهور – 15 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ لاهور ۾ سندس رهائشگاهه تي وڃي مرحومه جي مغفرت ۽ درجن ج?? بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف احد چيما ۽ سندس گهرڀاتين ج?? لاءِ صبر جميل جي دعا ڪندي چيو ته والده جو لاڏاڻو ناقابل تلافي نقصان آهي، الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.