اسلام آباد-25 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ج?? قومي سلامتي جي ادارن ج?? وڏي ڪاميابي، انڊيا جي هڪ ٻئي فالس فليگ آپر??شن جو منصوبو ظاهر ڪيو ويو، ڀارتي يومِ جمهوريه جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ مبينه دراندازي جو ڊرامو لائن آف ڪنٽرول جي پونچ سيڪٽر ۾ پلان ڪيو ويو، پاڪستان انٽيليجنس ادارن ڀارتي منصوبي جي ٽن اهم ڪردارن ج?? پڻ پتو لڳائي ورتو، انڊيا جي 93 انفينٽري برگيڊ جو ايجنٽ بشر ۽ ٻه ساٿي عالم، اسلم فالس فليگ آپر??شن جا مرڪزي ڪردار آهن. ڀروسي جوڳن ذريعن مطابق پاڪستان ج?? انٽيليجنس ادارن ج?? وڏي ڪاميابي، مودي سرڪار جي نئين ڊرامي جو پو??و اسڪرپٽ حاصل ڪري ورتو. ڀارتي يومِ جمهوريه جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ مبينه دراندازي جو ڊرامو تيار ڪيو ويو آهي. منصوبي تحت بشير ڪجهه مقامي ماڻهن ??ي استعمال ڪري جشڪوال، آزاد ڪشمير سائيڊ کان بم يا آءِ ڊيز لڳائي والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي. ڪنهن مسجد جي ويجهو ان ڪارروائيءَ کي ناڪام بڻائي ڏيکاريو ويندو. منصوبي تحت ڀارتي فوج ۽ پوليس جعلي برآمدگي پڻ ظاهر ڪندي. ڊي ايس پي پريشنا ان فالس فليگ آپر??شن کي سپروائيز ڪري رهيو آهي، منصوبي ۾ 93 برگيڊ جي ڊوگر ارجمنٽ جي جٿن کي گهات لڳائي جعلي ريڪوري ڏيکارڻي آهي. فالس فليگ آپر??شن جو مقصد والاريل ڪشمير ۾ دراندازيءَ جو الزام لڳائي دنيا ۾ پروپيگنڊا ڪرڻ آهي، پاڪستاني انٽيليجنس ادارن سڄو منصوبو اڳواٽ بي نقاب ڪري مودي سرڪار کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.