اسلام آباد-14 ڊسمبر (اي پي پي) تاجڪستان جي ص??ر امام علي رحمان جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. تاجڪستان جي صدر جي اعزاز ۾ باضابطه استقباليه تقريب وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف معز?? مهمان جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي هٿياربند فوج جي جٿي تاجڪستان جي صدر کي گار?? آف آنر پيش ڪيو. تاجڪستان جي صدر پنهنجي ??فد جي ??يمبرن جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تعارف ڪرايو، جڏهن ته وزيراعظم پنهنجي ڪابينه جي ??يمبرن سان تاجڪستان جي صدر سان ملرايو.