اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ متحده جي وفد وفاقي حڪومت جي ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. متحده قومي موومينٽ پاڪستان جو ڪن??ينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ وفد ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير فيصل سبزواري، سنڌ جو گورنر محمد ڪامران خان ٽيسوري ?? وسيم اختر شامل هئا. ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، وفاقي گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله ۽ ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفي?? پڻ موجود هئا.