اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن کي صحت جي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ عملي قدمن کي يقيني بڻا??ي رهيا آهيون. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ضلعن ۾ روزاني جي بنياد تي هيلٿ ڪئمپون لڳا??ي رهيا آهيون. هيلٿ ڪئمپون وفاقي ايمرجنسي آپريشن سينٽر پوليو صوبائي ??يمرجنسي پوليو سينٽر?? ۽ ??غا خان جي سهڪار سان لڳا??ي رهيا آهيون. هن چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ، ڪي پي ڪي، ??لو??ستان ۽ پنجاب ۾ 44 جڏهن ته ڪي پي ڪي جي 8 ضلعن ۾ 16 هيلٿ ڪئمپس لڳايون ويون، اهڙيءَ طرح پنجاب جي ٻن ضلعن ۾ 4، ??لو??ستان جي 7 ضلعن ۾ 13 ۽ سنڌ جي 10 ضلعن ۾ 11 هيلٿ ڪئمپون لڳايون ويون. مجموعي طور 5644 مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي ??هي. هن چيو ته 5 سالن کان گهٽ عمر جي 1262 ٻارن کي طبي امداد ڏني وئي، جڏهن ته هيلٿ ڪئمپس ۾ 705 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا ۽ انهن ڪئمپن ۾ 222 ٻارن کي حفاظتي ٽُڪا پڻ لڳايا ويا.