اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ وا??ار، سيڙپڪاري، توان??ئي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا، پاڪستان ۾ ٻاهرئ??ن سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه سان تعلق رکندڙ ڪمپني ليماڪ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ وا??ار، سيڙپڪاري، توان??ئي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي تازي دوري دوران سندس ترڪيه جي وا??ار??ن سان ملاقاتون تمام گهڻيون ڪامياب رهيون ۽ اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته ترڪيه جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تازو ئي پريفيرينشل ٽريڊ ايگريمينٽ تي صحيحون ٿيون آهن جنهن سان گڊز، سروسز ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان نيون راهون کليون آهن، ان معاهدي کانپوءِ پاڪستان ترڪيه گڏيل وا??ار جو ڪاٿو وڌي ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻاهرئ??ن سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي ۽ اسان جي حڪومت سمورن پراجيڪٽس جي وقت سر پڄاڻي تي يقيني رکي ٿي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ٿو ته منصوبن جي مڪ??ل ٿيڻ جي عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ليماڪ جي وفد پاڪستان ۾ پن بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، انجنيئر خرم دستگير خان، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.