ڪوئيٽا – 12 ̵1; آگسٽ (اي پي پي) بل??چس??ان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو آزادي ڏهاڙي جون تقريبون ساده پر پروقار انداز ۾ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ??هي ته سڄي بل??چس??ان ۾ پاڪستان جي 75 هين سالگرهه قومي جوش ۽ جذبي سان سادي ۽ پروقار طريقي سان ملهائي ويندي، وڏي وزير چيو ته هن وقت صوبو شديد برساتن جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهي، لکين متاثرين کي حڪومت ۽ معاشري جي سرندي وارن جي خاص ڌيان جي ضرورت آهي، حڪومت متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ??مو??ا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. مير عبدالقدوس بزنجو چيو ته اسان هيليڪاپٽر حادثي ۾ ٿيندڙ شهادتن جي ڏک مان اڃا تائين ٻاهر ناهيون نڪري سگهيا، ٻوڏ متاثرين ۽ شهيدن جي پونئيرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آزادي جي ڏهاڙي کي روايتي جوش ۽ جذبي پر سادگي سان ملهايو ويندو.