اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججز جي مق??ري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ايڊووڪيٽ اقبال احمد ڪاسي ۽ ايڊووڪيٽ شوڪت علي رخشاني کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جا ايڊيشنل ججز مق??ر ڪيو ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايڊووڪيٽ گل حسن ترين، محمد عامر نواز رانا ۽ سردار احمد عليمي کي به ب??ور ايڊيشنل جج مق??ر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. صدر مق??ري جي منظوري جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي سفارشن جي روشني ۾ و??ير??عظم جي ايڊوائيس تي ڏني آهي. صدر عارف علوي مق??رين جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت ڏني آهي.