اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وز??راعظم جي ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ت?? وز??راعظم شهباز شريف جي هدايتن تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن جي خواهشن موجب هلندڙ مالي سال جي آخري ٽه ماهي جي بجيٽ فراهم ڪئي پئي وڃ??، عمران خان حڪومت آءِ ايم ايف معاهدي ۾ پيٽروليم تي ليوي لڳائڻ جي ڳالهه مڃي، اسان اها شرط تسليم نه ڪئي، ڀارت جا سمورا حربا ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي حوصلن کي ??ه ٿا ٽوڙي سگهن. هو منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وز??ر احسن اقبال سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. وز??راعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ت?? گذريل ٽن ڏينهن کان والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي حڪومت جو ڏاڍ ۽ بربريت زورن تي آهي، ڀارت پاران 12 شهرين کي شهيد ڪندي تشدد جي نئين لهر مڙهي پئي وڃ??. هن چيو ت?? وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ هڪ ٻيو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وز??ر احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وز??ر مفتاح اسماعيل سميت ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ جون حڪومتون آهن ۽ هڪ تاثر ڏنو ويو ت?? وفاقي حڪومت پاران بجيٽ گهٽ ڪئي پئي وڃ??، اهو معاملو وز??راعظم شهباز شريف جي علم ۾ آندو ويو ت?? هن ان تي نوٽيس ورتو. هن چيو ت?? هن وقت ملڪ ۾ هونئن ئي معاشي بحران آهي، هلندڙ مالي سال جي آخري ٽه ماهي ۾ ڪنهن صوبي کي ترقياتي بجيٽ جاري ناهي ٿي سگهي پر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملي جو ت??صيلي جائزو ورتو ويو. هن چيو ت?? وز??راعظم شهباز شريف جي هدايتن تي منصوبابندي، ترقي واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي بجيٽ کي خواهشن جي موجب بڻايو آهي، پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي ٻنهي حڪومتن جي درخواست تي نه پر اسان پاڻ ئي فوري اجلاس گهرايو ۽ انهن کي گهرايو، اڄ انهن جي اطمينان موجب معاملو حل ٿيو آهي. هن چيو ت?? وفاق سمورن صوبن جي برابر ترقي جو خواهشمند آهي. هن چيو ت?? آءِ ايم ايف جون ڪيتريون شرطون مڃي رهيا آهيون اهو به قوم کي ??ڌائڻ ضروري آهي، عمران خان آءِ ايم ايف سان پيٽروليم ليوي لڳائڻ جي ڳالهه مڃي پر اسان ان شرط کي ??ه مڃيو، مشڪل فيصلا ڪندڙ حڪومت ايتري ئي جرئت سان اميرن جي سموري ڪلاسز تي اضافي ٽيڪس لڳائي رهي آهي، اسان جو اهو ئي مقصد آهي ت?? پاڪستان ۾ امير ۽ غريب ۾ جيڪو فاصلو وڌندو پيو وڃ?? ان کي گهٽ ڪيو وڃ??، غريبن کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻندا رهنداسين.