 
          اسلام آباد – 09 – جون (اي پ?? پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خ??بر??ختونخوا صوبي جي عوام سان جيڪو مون واعدو ڪيو، اهو پورو ??يو آهي، ايبٽ آباد ۽ پشاور کانپوءِ سستي اٽي جي فراهمي عنقريب پوري صوبي جي ٻين علائقن ۾ به شروع ٿيندي، خ??بر??ختونخوا ۾ گذريل 8 س??لن کان رڪيل ترقي جي عمل کي اڳتي وڌائينداسين. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خي??لن جو اظهار هن سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته خ??بر??ختونخوا جي عوام ۾ مون جيڪو واعدو ڪيو اهو پورو ??يو آهي. ايبٽ آباد ۽ پشاور کانپوءِ سستي اتي جي فراهمي عنقريب پوري صوبي جي ٻين علائقن ۾ به شروع ٿيندي، خ??بر??ختونخوا ۾ گذريل 8 س??لن کان رڪيل ترقي جي عمل کي اڳتي وڌائينداسين، وزيراعظم هدايت ڪئي ته خ??بر??ختونخوا ۾ صوبائي حڪومت جي بدانتظامي سان ستايل ماڻهن جا مسئلا فوري حل ڪري ۽ خ??بر??ختونخوا ۾ پارٽي تنظيم کي سرگرم ڪريو، انجنيئر امير مقام وزيراعظم کي خ??بر??ختونوا جي عوام سان سستي اٽي جا واعدا پورا ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.