اسلام آباد – 05 211; ??ون (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف اخباري صنعت کي مشڪلاتن ۽ بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ 30 جون تائين اڳوڻي حڪومت جي تشهيري رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اها هدايت آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (ا?? پي اين ايس) جي وف?? سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب کانسواءِ وزيراعظم جو خاص معاون فهد حسين پڻ موجود هو. ا?? پي اين ايس جي صدر سرمد علي جي قيادت ۾ وف?? ۾ سيڪريٽري جنرل ناز آفرين، سهگل لاکاڻي، سينيئر صحافي مجيب الرحمان شامي، جميل اطهر، شهاب زبيري، محترمه رميزه نظامي، عمر مجيب شامي، امتنان شاهد، ممتاز طاهر، محسن بلال، اويس خوشنود، وسيم احمد، منير گيلاني ۽ همايون گوهر پڻ شامل هئا. وزيراعظم ان موقعي تي اخباري صنعت کي مشڪلاتن ۽ بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو ۽ 30 جون تائين اڳوڻي حڪومت جون تشهيري رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پي ٽي آءِ دور جي اخبارن ۽ تشهيري ڪمپنين جون حڪومتي رهتون ادا ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. وزيراعظم چيو ته هو سياسي انتقام ۾ يقين نه ٿو رکي ڇو ته ان سان ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. وزيراعظم وف?? کي خاطري ڪرائي ته مهانگائي جي تناسب سان تشهيري اگهه ۾ مناسب اضافو ڪيو ويندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ اخباري صنعت تي ڪو نئون ٽيڪس يا ڊيوٽي نه لڳائينداسين ۽ اخباري صنعت کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ اضافي ريليف پڻ فراهم ڪنداسين.