 
          اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان اسلام آباد ۾ مقرر چيني ناظم الامور پانگ چن شوئي ملاقات ڪئي. پرڏيه?? آفيس جي ترجمان موجب چيني ناظم الامور پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ چين جي ناظم الامور پانگ چن شوئي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪ چين دوستي دنيا ۾ پائيدار ۽ مسلسل لاڳاپن جو هڪ لازوال مثال آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو منصوبو خطي ۾ واپاري عمل کي فروغ ڏيندو، پاڪستان دنيا جي سمورن ملڪن س??ن واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جو خواهشمند آهي.