 
          اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ايوان جي تعظيم ۽ توقير ۾ اضافو سندس اولين ترجيح آهي، اسپيڪر جو عهدو سموري غيرجانبداري ۽ بردباري جو گهرجائو آهي، اسان کي هڪ اهڙو سياسي معاشرو قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جتي مڪالمي کي فروغ ڏنو وڃي، نفرت کي نه، سمورن ادارن کي پ??هن??ي دائري اختيار ۾ رهندي هڪ ٻئي جي مدد ۽ رهنمائي ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ پ??هن??ي عهدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ خطاب ڪندي راجا پرويز اشرف چيو ته هو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي باوقار عهدي تي فائز ٿيڻ تي الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهي، ان عهدي تي بنا مقابلي چونڊجڻ تي شريڪ چيئرم??ن آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قائد ايوان ميان محمد شهباز شريف ۽ ٻين سمورن پارلياماني اڳواڻن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جا دل سان ٿورا مڃان ٿو، وطن عزيز پ??ڪس??ان ڊائمنڊ جوبلي جي سال ۾ بطور اسپيڪر م??هن??ي چونڊ م??هن??ي لاءِ خوشي جوڳي آهي. هن چيو ته هن معزز ايوان جي تعظيم ۽ توقير ۾ اضافو م??هن??ي اولين ترجيح آهي، اسپيڪر جو عهدو سموري غيرجانبداري ۽ بردباري جو گهرجائو آهي ۽ بطور ڪسٽوڊ??ن آف هائوس ميمبرن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي اولين ذميوارين ۾ شامل آهي. جنهن منصب جي لاءِ هن معزز ايوان م??هن??ي بنا مقابلي چونڊ ڪئي آهي ان منصب تي سڀ کان اڳ قائداعظم محمد علي جناح کي بنا مقابلي پ??هن??و پهريون سربراهه چونڊيو هو، هي ايوان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪسٽوڊ??ن آف هائوس طور چونڊ ڪري چڪو آهي، قائداعظم جو خطاب جتي پ??ڪس??ان جو پهريون سرڪاري ۽ قومي آئيني بيانيو آهي، اتي رياستي ڍانچي ۾ مقننه جي مرڪزي ڪردار تي پڻ مهر هڻي ٿو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته مون کي اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ نه آهي ته بطور اسپيڪر م??هن??ي پهرين ذميواري هن ايوان جي خودمختياري ۽ ان کي مليل اختيارن جو تحفظ هوندو. م??هن??ي ناقص راءِ ۾ آئين تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن ملڪ ۽ عوام کي درپيش اهم مسئلن جو فيصلو هن ايوان ۾ ٿيندو. پ??ڪس??ان جي آئين جي شق 91 جي ذيلي شق 6 جي حقيقي روح کي سامهون رکندي س??وري وفاقي ڪابينا رڳو هن معزز ايوان کي جوابده هجي ڪنهن فرد واحد کي نه هجي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته جڏهن حڪومت وقت عوام جي انهن چونڊل نمائندن جي راءِ کي مٿانهون ڄاڻي ۽ پ??هن??ون پاليسيون پوري ديانتداري سان هن هائوس ۽ ان سان واڳيل ڪميٽ??ن آڏو رکي.