 
          اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڄمون ۽ ڪشمير تي او اءِ سي رابطا گروپ جي هڪ فعال ميمبر جي طور تي آذربائيجان جي تعاون جي واکاڻ ڪئي آهي، وزيراعظم ميڊيا آف??س مان جاري پريس رليز موجب جمهوريه آذربائيجان جي دفاع واري وزير ڪرنل جنرل ذاڪر حسنوف وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار دفاعي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته ٻه طرفي واپار، سياح?? ۽ ??وامي سطح تي رابطن تي خصوصي ڌيان ڏيندي انهن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي، وزيراعظم او آءِ سي ۾ آذربائيجان جي ڄمون ۽ ڪشمير تي رابطا گروپ جي هڪ فعال ميمبر جي طور تي تعاون کي س??را??يو. هن آذربائيجان جي قياد?? ۽ ??وام کي والاريل علائقن کي آزاد ڪرائڻ تي مبارڪباد ڏ??ي ۽ کڻ قفقاز ۾ امن ۽ خوشحالي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ آذربائيجان جي ڪوششن کي س??را??يو. آذربائيجان جي دفاع واري وزير آذربائيجان جي صدر پ??را?? وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو،. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته پاڪستان جي قومي ڏينهن جي 23 مارچ پريڊ ۾ آذربائيجان جي هٿياربند فوج جو دستو به شرڪت ڪندو.