 
          اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته حڪومت آبا??گا??ن کي جديد زرعي اوزارن، معياري ٻج ۽ ڀاڻ تي سبسڊي فراهم ڪري رهي آهي، آبا??گا?? ڪارڊ جي ڪري سبسڊي جو اصل فائدو آبا??گا??ن کي ملڻ گهرجي، آبا??گا??ن ??ي حقن جي تحفظ جي لاءِ قانون ٺاهيا وڃن ۽ سمورن حصيدارن سان مشاورت کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن زراعت خاص طور تي ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ ??ي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت ترين، سيد فخر امام، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، پنجاب جي زراعت واري وزير سيد حسين جهانيان ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آهي، حڪومت آبا??گا??ن کي جديد زرعي اوزارن، معياري ٻج ۽ ڀاڻ تي سبسڊي فراهم ڪري رهي آهي، آبا??گا?? ڪارڊ جي ڪري سبسڊي جو اصل فائدو آبا??گا?? کي ملڻ گهرجي، آبا??گا??ن ??ي حقن جي تحفظ جي لاءِ قانون ٺاهيا وڃن ۽ سمورن حصيدارن سان مشاورت کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ ڪپهه جي معياري ٻج جي پيداوار کي جلد ممڪن بڻائڻ جي لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پاڪستان ڪاٽن اٿارٽي قائم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته اٿارٽي معياري ٻج جي فراهمي، مانيٽرنگ ۽ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ تحقيق ڪندي. اجلاس ۾ ڪپهه پوکيندڙ آبا??گا??ن ??ي حقن جي تحفظ جي لاءِ قانون ٺاهڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته هن وقت 4.17 ملين ٽن ڪمند جو اسٽاڪ موجود آهي، ڀاڻ تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي 15.5 ارب رپيا ابسڊي ڏئي رهيون آهن. وزيراعظم جي هدايتن موجب فارمر فورم قائم ڪيو وي?? آهي جنهن جي صدارت غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير ڪري رهي?? آهي، ان فورم جو مقصد پاليسي معاملن ۾ آبا??گا??ن جي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ ۽ انهن جا مسئلا جلد حل ڪرڻ آهي. وزيراعظم قومي ڪپهه ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جي منظوري پڻ ڏني. وزيراعظم صنعت واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ ڊي اي پي ڀاڻ جي مقامي پيداوار جي لاءِ پلانٽس لڳائڻ جي لاءِ فزيبلٽي جوڙي وڃي.