 
          اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪ??رٽ ??ف پاڪستان جي سينئر ترين جج جسٽس عمر عطابنديال 28هين چيف جسٽس ??ف پاڪستان طور پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. ايوان صدر ۾ ٿيندڙ هڪ پروقار تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کائنس حلف ورتو، تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. جڏهن ته تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي، قانون ۽ انصاف واري وفاقي و??ير بئريسٽر ڊاڪٽر نسيم فروغ، سميت ٻين وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير، پارليامينٽ جي ميمبرن، ججن، وڪيلن جي ت??ظيمن جي عهديدارن ۽ سول فوجي عملدار شرڪت ڪئي. ان موقعي ت?? جسٽس عمر عطابنديال چيف جسٽس جي طور تي مقرري جو نوٽيس به پڙهي ٻڌايو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪ??رٽ جي سينئر ترين جج جسٽس عمر عطابنديال کي چيف جسٽس ??ف پاڪستان مقرر ڪيو ان جي مقرري جو نوٽيفڪيشن 2 فيبروري کان لاڳو هوندو، ان کان پهرين چيف جسٽس ??ف پاڪستان جسٽس گلزار حسين پهرين فيبروري ت?? پنهنجي ملازمت جي مدت پوري ڪرڻ کانپوءِ رٽائر ٿي ويو هو.