 
          اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ??رو??و پاران اسلامو فوبيا جي خات??ي لاءِ خصوصي نم??ئندو مقرر ڪرڻ جي آجيان ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته جسٽن ??رو??و پاران اسلامو فوبيا جي مذمت ۽ موجوده دور جي ان لعنت جي خات??ي لاءِ خصوصي نم??ئندو مقرر ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته جسٽن ??رو??و جي ان وقت سر ترغيب ۾ ان دعوت جي گونج آهي جيڪا آئون هڪ عرصي کان دنيا کي ڏئي رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته اچو گڏجي ان آفت جي خاتمي جو بندوبست ڪريون.