اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پارليام??ني جمهوريت جي حيثيت سان ??اڪستان ضروري قانوني ۽ انتظامي ڍانچي، آزاد ميڊيا ۽ متحرڪ سول سوسائيٽي سان، س??ور?? انس??ني حقن جي فروغ ۽ تحفظ لاءِ پرعزم آهي، جمعي تي انس??ني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ان ڏينهن، پاڪستا?? انس??ني حقن جي عالمي پڌرنامي کي اختيار ڪرڻ جي 73 هين سالگرهه ملهائڻ ۾ عالمي برادري سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، اهو پڌرنامو رياستن، معاشرن ۽ برادرين لاءِ بنا ڪنهن فرق جي، س??ور?? انسانن جي حقن، آزادين ۽ وقار کي فروغ ڏيڻ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ روشني جو مينار آهي. اهو ڏينهن برابري، انصاف، رواداري، امن ۽ ترقي جي عالمي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ اڳڀرائي جي يادگيري ڪرائيندو آهي. ان جي باوجود اهو ڏينه?? انهن فائدن کي محفوظ رکڻ ۽ ان آزادين ۽ حقن کان ??حروم ماڻهن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوششن کي ٻيڻو ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏي ٿو، پرڏيهي وزير چيو ته ڪووڊ 19 وبائي مرض ملڪن جي اندر ۽ انهن جي وچ ۾ نظامي ۽ ڍانچاجاتي اڻبرابري کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ غير مناسب اقتصادي بحالي، وڌندڙ قرضن جو بار ۽ ڪووڊ ويڪسين ورهائڻ جي صورت ۾ عالمي اقتصادي ۽ مالياتي ڍانچي ۾ اڻبرابري ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ان طرح جي اڻ برابري سان امتيازي سلوڪ، نفرت ۽ عدم برداشت جون نيون شڪليون اڀرنديو?? آهن، جيڪي اڪثر هائپر نيشنلزم جو باعث بڻجي ٿي، ان کانسواءِ اسلامو فوبيا هڪ سنگين عصري چئلينج جي طور تي سامهون آيو جيڪو پوري دنيا۾ بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن کي متاثر ڪندو آهي. هن چيو ته ان ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان ترقي حاصل ڪرڻ سميت انس??ني حقن ۾ وڌيڪ اڳڀرائي جي هڪ ذريعي جي طور تي نظامي ۽ ڍانچاجاتي عدم برادري جي محرڪن ۽ اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ۽ جامع عالمي رد عمل جو مطالبو ڪري ٿو، پاڪستان امن، رواداري ۽ مذهب يا عقيدي جي بنياد تي امتيازي سلوڪ، نفرت ۽ عدم برداشت جي خاتمي جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي اهميت کي به اجاگر ڪري ٿو، پاڪستان غير ملڪي قبضي جي تحت ماڻهن جي لاءِ حق خودمختياري جي فتح نه ٿيڻ جوڳي حق جي به مڪمل حمايت ڪري ٿو، پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ۽ هڪطرفا قدم، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آباداتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيا ويا آهن، جيڪي عالمي قانونن سميت چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف آهن، انهن قدمن جو مقصد ڪشميرين جي خودمختياري وارو پنهنجو حق استعمال کان ??حروم ڪرڻ آهي، ان ??ڪطرفي قدمن ڪشميري عوام جي بنيادي حقن، سڃاڻپ ۽ بنيادي آزادين تي ظلم ۽ جبر کي وڌيڪ وڌايو آهي. ڀارتي قابض فوج پاران ??الاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خلاف ٿيندڙ انس??ني سنگين خلاف ورزين ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن کي گڏيل قومن جي انس??ني حقن جي اداري خاص طور تي انس??ني حقن جي هاءِ ڪمشنر جي آفيس پاران ??ن رپورٽن ۾ به اجاگر ڪيو ويو آهي، پرڏيهي وزير چيو ته اسان ??الاريل ڪشمير ۾ انس??ني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خاتمي لاءِ پنهنجا مطالبا ۽ ڀارت جي ظلم، قبضي ۽ ڏاڍ جي خلاف ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد ۾ ان جي غير ممڪن حمايت جي عزم جو به ورجاءُ ڪريون ٿا. ان کانسواءِ پاڪستان ??لڪي ۽ انس??ني حقن جي عالمي پڌرنامي جي شرطن موجب پنهنجي سڀني شهرين جي حقن ۽ آزادين جي احترام ۽ تحفظ کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪري ٿو.