اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ا??پي??ر اسد قيصر چيو آهي ته راشد ميموريل ٽرسٽ جي سماجي شعبي ۾ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن، صوابي ۾ عالم آباد ويلفيئر ڪمپليڪس ۾ پاڪ فضائيه ۽ راشد ميموريل ٽرسٽ جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايم ڊي بيت المال ظهير عباس کوکر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئ??. ملاقات ۾ اڳوڻي ايئر چيف سهيل امان به شريڪ هو، ملاقات ۾ صوابي ۾ عالم آباد ويلفيئر ٽائون جي قيام تي ڳالهه ٻولهه ڪئ?? وئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ا??پي??ر اسد قيصر چيو ته راشد ميموريل ٽرسٽ جي سماجي شعبي ۾ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. صوابي ۾ عالم آباد ويلفيئر ڪمپليڪس ۾ پاڪ فضائيه ۽ راشد ميموريل ٽرسٽ جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. ان وقعي تي ا??پي??ر کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ويلفيئر ٽائون جي قيام سان نه رڳو صوابي پر خيبرپختونخوا صوابي جي بي سهارا ۽ يتيم ٻارن، بيواهن ۽ بين لاچار ۽ غريب خاندانن کي رهائش سان گڏوگڏ تعليم، صحت ۽ ٻيون بنيادي سهولتون ميسر هونديون، ايم ڊي بيت المال ا??پي??ر کي مستحق ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ پاڪستان بيت المال جي ڪارڪردگي جي باري ۾ بريفنگ ڏني. قومي اسيمبلي جي ا??پي??ر چيو ته پاڪستان بيت المال جي غريب مريضن جي مالي مدد ڪرڻ واکاڻ جوڳي آهي، ا??پي??ر غريب مريضن جي علاج جي مفت سهولت فراهم ڪرڻ ۽ سوئيٽ هومز ۾ يتيم ٻارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان بيت المال جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اسلامي فلاحي رياست جي ذريعي اسان کي پاڪستان ۾ انسانيت جو نظام آڻڻو آهي. غريبن کي برابر حق ڏيڻ رياست جي ذميداري هوندي آهي، حڪومت جون غريبن ۽ ڪمزور طبقي کي مٿي آڻڻ جون ڪ??ششون واکاڻ جوڳيون آهن.