اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته جيڪڏهن ڪا وزارت پاڪستان جي تقدير بدلائي سگهي ٿي ته اها سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزا??ت آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هو وزيراعظم جو ٿورائت?? آهي جنهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ ان??ارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وارت ۾ ضم ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان پاڪستان کي علم جي معيشت جي هڪ مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته آئون پنهنجي ٽيم جو به ٿورائت?? آهيان جنهن بهترين طريقي سان ڪم ڪيو.