??سل??م آباد – 05 مارچ (اي پ?? پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪس سڌ??رن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائڻ آهي، سڌ??رن سان ٽيڪس جي نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪيو ويندو، ٽيڪس نظام اهڙي طرح ترتيب ڏنو وڃي ته ڪاروبار آسان ۽ معيشت ترقي ڪري. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ٽيڪس سڌ??رن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير حماد اظهر، وزيرا??ظم جو واپار وارو خصوصي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيرا??ظم جو خصوصي مددگار ڊاڪٽر عشرت حسين، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، نديم بابر، سيڙپڪاري بورڊ وارو چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيرا??ظم چيو ته ٽيڪس سڌ??رن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائڻ ۽ نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ آهي.