اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آه?? ته اڻ سڌي ٽيڪس جو بار سڀ کان وڌيڪ غريب طبقن تي پوندو آه??، اڻ سڌي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، غريب ۽ وچولي طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ معاشي ٽيم کائڻ پيئڻ جي درآمدي شين تي لاڳو ٽيڪسن ۾ به گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪري. سومر ڏينهن اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ عام ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان امڪاني قدمن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وز??رن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسد عمر، مخدوم ??سر?? بختيار، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئ??ڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، نديم بابر، تابش گوهر ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.